ڊيوڊ وارنر مارنس لبوشين جي ننڊ خراب ڪري ڇڏي

ائٿليٽ هجي يا عام ماڻهو، ٿڪاوٽ ۽ ننڊ کيس ڪٿي به ۽ ڪنهن به وقت سمهڻ تي مجبور ڪري ڇڏي ٿي.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ وارن ان جو عملي مظاهرو به ڏٺو ته ننڊ ڪٿي به ۽ ڪنهن به وقت اچي سگهي ٿي.

ڀارت خلاف ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ مارنس لبوشين کي ڊريسنگ روم ۾ آرام ڪندي ڏٺو ويو، جنهن کانپوءِ بيٽنگ ڪرڻ جي انتظار ۾ هن جي اک لڳي وئي ۽ هو سمهي پيو.

ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي ٻي اننگز ۾ ننڊ ۾ ٻڏي ويل مارنس لبوشين جون اکيون صحيح وقت تي کُليون جڏهن ڊيوڊ وارنر آئوٽ ٿي ويو ۽ کيس بيٽنگ لاءِ وڃڻو پيو.

Read Previous

احمد شهزاد انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ واپسي لاءِ پرعزم

Read Next

ڀارتي اداڪاره سنبل توقير والد جي ٻي شادي ڪرائڻ لاءِ تيار ٿي وئي

Most Popular