ڀارتي اداڪاره سنبل توقير والد جي ٻي شادي ڪرائڻ لاءِ تيار ٿي وئي

مشهور هندستاني ٽيليويزن اداڪارا، ريئلٽي شو بگ باس سيزن 16 جي پسنديده مقابلو ڪندڙ سنبل توقير خان پنهنجي پيءُ جي ٻي شادي لاءِ تياري ڪري رهي آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب اداڪارا سنبل ۽ سندس ڀيڻ ثانيه پنهنجي پيءُ کي ٻيهر شادي ڪرڻ لاءِ راضي ڪري ورتو آهي، اداڪارا جو والد توقير خان ايندڙ هفتي شادي ڪندو، توقير خان جي ٿيڻ واري زال نيلوفر کي طلاق ٿي وئي آهي ۽ هوءَ هڪ ڌيءَ جي ماءُ آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب سنبل ۽ سندس ننڍي ڀيڻ ثانيه ٻئي پنهنجي پيءُ جي نئين شادي جي حمايت ڪري رهيون آهن.

پنهنجي والد جي شادي بابت ڳالهائيندي اداڪارا سنبل جو چوڻ آهي ته اسان ٻئي ڀينرون پيءُ سان گڏ اڪيليون رهون ٿيون، پيءُ اسان جو گهڻو خيال رکيو آهي ۽ اڪيلي ئي اسان جو گهڻو خيال رکيو آهي.

سنبل جو چوڻ آهي ته مان ۽ منهنجي ڀيڻ ثانيه پنهنجي خاندان ۾ نئين ميمبر جي اچڻ تي تمام گهڻو خوش آهيون ۽ سندس دل سان استقبال ڪنداسين.

Read Previous

ڊيوڊ وارنر مارنس لبوشين جي ننڊ خراب ڪري ڇڏي

Read Next

ڪاجول جي نئين ويب سيريز سان سوشل ميڊيا تي واپسي

Most Popular