قصور ۽ حافظ آباد ۾ 2 ڇوڪرين سان اجتماعي زيادتي

قصور ۽ حافظ آباد ۾ مختلف جوابدارن پاران 2 ڇوڪرين کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو آهي.

قصور جي علائقي ڇانگا مانگا ۾ 13 ورهين جي نينگري کي 3 جوابدارن پاران اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

ڇنگا مانگا جي رهواسي طفيل نالي پورهيت ڪوٽ وٽوان پوليس کي ٻڌايو ته سندس 13 ورهين جي ڌيءَ فصل ۾ وئي ته ٽن جوابدارن سيف الله، تنوير ۽ طاهر ساڻس مبينا زيادتي ڪئي ۽ کيس ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا.

ٽي ايڇ ڪيو اسپتال جي ليڊي ڊاڪٽر ميڊيڪل رپورٽ ۾ ڇوڪري جي ڳچيءَ ۽ ٻين حصن تي تشدد جا نشان ظاهر ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.

پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

ڊي پي او قصور واقعي جو نوٽيس وٺندي جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

Read Previous

ڪراچي مال منڊي ۾ واپارين کان ڦرلٽ جون وڊيوز ۽ خبرون سوشل ميڊيا تي وائرل

Read Next

ڪراچي: شهيد پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

Most Popular