اسان جا ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جا ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن: مرتضيٰ وهاب

پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي جي ميئر جي اميدوار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته اسان جا ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن.

اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته جماعت اسلامي اعتراض داخل ڪيا پر اليڪشن ڪميشن انهن کي رد ڪري ڇڏيو.

مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته جماعت اسلامي کي پيپلزپارٽي جو مينڊيٽ قبول ڪرڻ گهرجي، اسان اڄ به ڪراچي لاءِ بنا ڪنهن پوزيشن جي ڪم ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته طوفان جي حوالي سان به قدم کنيا پيا وڃن، جيڪو به ڪراچي جو ميئر بڻجي اهو اختيارين تي نه روئي رڳو ڪم ڪري.

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ جو چوڻ آهي ته مڪاني چونڊن جي شيڊول جي اعلان کان اڳ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي وئي، 15 جون تي ٿيندڙ چونڊن تي ڪنهن کي به اثر انداز ٿيڻ نه گهرجي.

Read Previous

حريم شاهه کي ڌمڪيون ڏيڻ جا نتيجا جلد ملي ويندا: صندل خٽڪ

Read Next

حڪومت سامونڊي علائقن ۾ موسمي صورتحال تي نظر رکيو ويٺي آهي، شرجيل ميمڻ

Most Popular