حڪومت سامونڊي علائقن ۾ موسمي صورتحال تي نظر رکيو ويٺي آهي، شرجيل ميمڻ

سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت سامونڊي علائقن جي موسمي صورتحال کان پوري طرح باخبر آهي.

شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مهاڻن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي اونهي سمنڊ ۾ نه وڃن.

هن چيو ته سامونڊي علائقن جي ضلعن جي انتظاميه مڪمل الرٽ آهي.

سنڌ جي اطلاعات واري وزير اهو به ٻڌايو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير سرڪاري ملازمن کي ضلعن کان ٻاهر نه وڃڻ جي هدايت ڪئي آهي.

Read Previous

اسان جا ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جا ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن: مرتضيٰ وهاب

Read Next

شڪست کاڌل ڀارتي رانديگرن ۽ مداحن آسٽريليا خلاف چيٽر چيٽر جا نعرا لڳايا

Most Popular