شڪست کاڌل ڀارتي رانديگرن ۽ مداحن آسٽريليا خلاف چيٽر چيٽر جا نعرا لڳايا

آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ آسٽريليا هٿان ڀارت هٿان شڪست کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جا مداح جوش ۾ اچي ويا ۽ گرائونڊ ۾ ئي نعرا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا.

آسٽريليا ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت کي شڪست ڏئي آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ کٽي ورتي.

لنڊن جي اوول ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏيل فائنل ميچ ۾ آسٽريليا ڀارت کي 209 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

ڀارتي تماشائي پنهنجي ٽيم جي شڪست برداشت نه ڪري سگهيا ۽ گرائونڊ ۾ ئي آسٽريلوي ٽيم خلاف نعرا هڻڻ لڳا.

ميچ کان پوءِ جڏهن آسٽريلوي رانديگر ڊريسنگ روم ڏانهن وڃي رهيا هئا ته ڀارتي تماشائن سندن خلاف ”چيٽر چيٽر “ جا نعرا هنيا.

Read Previous

حڪومت سامونڊي علائقن ۾ موسمي صورتحال تي نظر رکيو ويٺي آهي، شرجيل ميمڻ

Read Next

آصف هزاره جي انٽرنيشنل رينڪنگ فائٽ 16 جون تي آسٽريليا ۾ ٿيندي

Most Popular