حريم شاهه جي ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ليڪ ڪرڻ تي صندل خٽڪ گرفتار

ايف آءِ اي مشهور ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جي وڊيو ليڪ ڪيس ۾ جوابدار صندل خٽڪ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

اسلام آباد جي اسپيشل جج سينٽرل اعظم خان ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جي وڊيو ليڪ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران مدعي حريم شاهه ۽ جوابدار صندل خٽڪ پنهنجي وڪيلن سميت عدالت ۾ پيش ٿيون.

ان دوران ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه عدالت ۾ پنهنجي ليڪ ٿيل وڊيوز ۽ تصويرون ڏيکاريون.

ٻڌڻي دوران اسپيشل جج سينٽرل اعظم خان دليل ٻڌڻ بعد جوابدار صندل خٽڪ جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

جوابدار صندل خٽڪ عدالت ۾ پنهنجي بيان ۾ چيو ته حريم شاهه جون وڊيوز ليڪ ٿي رهيون آهن، هڪ سال کان مون کي پريشان ڪري رهي آهي، حريم شاهه مون کي فحش تصويرن ذريعي بليڪ ميل ڪري رهي آهي.

Read Previous

سي پيڪ خطي جي ترقي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو: سعودي عرب

Read Next

قذافي اسٽيڊيم جي آئوٽ فيلڊ مان گاهه مڪمل طور ختم ڪيو ويو

Most Popular