حڪومت جو تحريڪ لبيڪ سان ڳالهين جو فيصلو

وفاقي حڪومت پنجاب ۾ احتجاج جي معاملي تي تحريڪ لبيڪ سان ڳالهين جو فيصلو ڪيو آهي.

سرڪاري ذريعن موجب گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ ڪميٽي ٽي ايل پي سان ڳالهيون ڪندي.

واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت دوران تحريڪ لبيڪ تي پابندي لڳائي وئي هئي ۽ 15 اپريل 2021 تي هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو هو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته اينٽي ٽيررازم ايڪٽ 1997 تحت ٽي ايل پي کي ختم ڪيو ويو هو.

تحريڪ لبيڪ طرفان گهرو سيڪريٽري کي درخواست جمع ڪرائي وئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته تحريڪ لبيڪ دهشتگرد تنظيم نه پر اليڪشن ڪميشن وٽ رجسٽرڊ سياسي جماعت آهي.

Read Previous

ملڪ ۾ پرڏيهي ڪرنسي اڪائونٽس منجمد ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي: عائشه غوث پاشا

Read Next

جناح هائوس جلاءُ گهيراءُ: وڌيڪ 8 عورتن جو 4 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور

Most Popular