گريڊ 19 تائين پوسٽنگ جا اختيار تعليم ۽ صحت واري وزير کي ڏنا ويا

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ايس اينڊ جي ڊي جي سمري جي منظوري ڏني، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب گريڊ 19 تائين پوسٽنگ جا اختيار تعليم واري وزير ۽ صحت واري وزير کي ڏنا ويا آهن.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته انهن کاتن ۾ گريڊ 19 جا وڌيڪ آفيسر آهن، جن کي بدلي ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب فائل چيف سيڪريٽري جي آفيس پهچي وئي ۽ ڪم جي اوور لوڊ ٿيڻ سبب رڪجي ويو، ٽرانسفر پوسٽنگ نه ٿيڻ سبب انتظامي معاملا متاثر ٿيا.

Read Previous

جناح هائوس جلاءُ گهيراءُ: وڌيڪ 8 عورتن جو 4 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور

Read Next

پي ٽي آءِ وارن چيو ته جماعت اسلامي جي حمايت نه ڪندا، سعيد غني

Most Popular