پنهنجي منفرد انداز جي ڪري پاڪستاني ميوزڪ انڊسٽري ۾ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهيندڙ مشهور گلوڪار طاهر شاهه ٻن سالن کانپوءِ پنهنجي نئين پروجيڪٽ سان واپس اچي رهيو آهي.
واضح رهي ته هڪ هفتو اڳ طاهر شاهه اعلان ڪيو هو ته هو 10 جون تي پنهنجي نئين پراجيڪٽ جي حوالي سان اهم اعلان ڪرڻ وارو آهي، جنهن کانپوءِ مداح سمجهي رهيا هئا ته هو هڪ ٻيو نئون گيت رليز ڪرڻ وارو آهي.
بهرحال حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته ڳائڻي مائيڪرو بلاگنگ سائيٽ ٽوئٽر تي هڪ ڊگهي پوسٽ شيئر ڪئي ۽ اعلان ڪيو ته هو پنهنجي نئين فلم سان هالي ووڊ ۾ قدم رکڻ لاءِ تيار آهي.
هن چيو ته فلم جو نالو سندس پهرئين مقبول گيت ’اي ٽو آئي‘ تي ٻڌل هوندو جيڪو 2013ع ۾ رليز ٿيو هو ۽ ان فلم سان هو ڳائڻ کانپوءِ اداڪاري ۽ هدايتڪاري جي ميدان ۾ به قدم رکي رهيو آهي.
هن جو چوڻ آهي ته هالي ووڊ فلم هڪ دلچسپ محبت جي ڪهاڻي تي ٻڌل آهي، جنهن جي ڪهاڻي ۽ ڊائلاگ هن پاڻ لکيا آهن.