نيٽو جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي هوائي مشق جرمني ۾ شروع

نيٽو جي تاريخ جي سڀ کان وڏي فضائي مشق ”ايئر ڊفينڊر 23“ اڄ جرمني ۾ شروع ٿي وئي آهي.

مشق 23 جون تائين جاري رهندي، جنهن ۾ 25 ملڪن جا 250 جهاز حصو وٺندا، سڀني ملڪن مان شرڪت ڪندڙ اهلڪارن جو تعداد 10 هزار آهي.

جرمني ۾ سوين ماڻهن نيٽو جي مشقن خلاف ونسٽرف ايئربيس جي ٻاهر احتجاج ڪيو.

مظاهرين هٿن ۾ بينر کڻي ويا هئا جن تي جنگ ۽ هٿيارن خلاف نعرا لکيل هئا.

احتجاج ڪندڙن يوڪرين جي جنگ جو سفارتي حل ۽ فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪيو.

Read Previous

شاهه رخ خان ۽ سلمان خان شعيب اختر کي ڀارتي ميڊيا سان ڪم ڪرڻ جي ڪهڙي صلاح ڏني؟

Read Next

حليم عادل شيخ پاران ڪراچي جي ميئر جي چونڊ لاءِ هدايتون جاري

Most Popular