حليم عادل شيخ پاران ڪراچي جي ميئر جي چونڊ لاءِ هدايتون جاري

پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ ميئر ڪراچي جي چونڊ لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

چيئرمين ۽ ڪائونسلرن کي لکيل خط ۾ تحريڪ انصاف جي صوبائي صدر حافظ نعيم الرحمان کي ووٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پارٽي پاليسي موجب ووٽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ چيئرمين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ کين ڊي سيٽ ڪيو ويندو.

واضح رهي ته ڪراچي جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ 15 جون تي ٿيندي.

ڪراچي جي ميئر شپ لاءِ جماعت اسلامي جو حافظ نعيم الرحمان اميدوار آهي، جنهن جا نامزدگي ڪاغذ ڇنڊڇاڻ بعد منظور ڪيا ويا.

Read Previous

نيٽو جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي هوائي مشق جرمني ۾ شروع

Read Next

پيرس ۾ پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ”استحکام پاڪستان“ ريلي

Most Popular