ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا

جهل مگسي

پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ آزاد ڪشمير سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.

پاڪستان جي موسميات کاتي (پي ايم ڊي) موجب زلزلو 1 لڳي 4 منٽن تي آيو، جنهن جي شدت 5.6 هئي ۽ مرڪز 10 ڪلوميٽر زمين هيٺ هو.

اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، گوجرانوالا، ايبٽ آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

جهلم، حافظ آباد، سوات، باغ آزاد ڪشمير، نيلم وادي، شڪر ڳڙهه، ظفروال ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

زلزلي مرڪز موجب زلزلي جو مرڪز اوڀر ڪشمير هو، مختلف شهرن ۾ خوف ۽ حراس سبب ماڻهو گهرن ۽ آفيسن مان ٻاهر نڪري آيا.

Read Previous

پهريون هڪ قانون معطل ڪيو، ٻيو نه ٿا ڪري سگهون: چيف جسٽس

Read Next

خيبرپختونخواهه کي ترقي ۽ امن جو ڳڙهه بڻائينداسين: وزيراعظم

Most Popular