ايندڙ مالي سال پاڪستان ۽ عوام جي آمدني ۾ واڌ جو سال ثابت ٿيندو: وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ مالي سال پاڪستان ۽ عوام جي آمدني ۾ واڌ جو سال ثابت ٿيندو.

پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته 24-2023ع جي بجيٽ نوجوانن جي ترقي، ڪاروبار ۽ روزگار لاءِ تاريخي بجيٽ آهي، ملڪ ۽ قوم جي جي تعمير، ترقي ۽ خوشحالي ذريعي نااميدين کي ختم ڪرڻ، نئون اعتماد ۽ اميد بحال ڪرڻ جي ضرورت پوندي.

هن چيو ته صنعت، زراعت، آءِ ٽي ۽ توانائي جي شعبن ۾ تيز رفتار ترقي ۽ معاشي استحڪام لاءِ بجيٽ رکي وئي آهي.

وزيراعظم جو چوڻ آهي ته نوجوان ملڪ جو مستقبل آهن ۽ سندن مستقبل سنوارڻ هميشه وانگر منهنجي پهرين ترجيح آهي، نوجوانن کي آءِ ٽي، زراعت ۽ صنعت ۾ ڪاروبار شروع ڪري پاڪستان جي ترقي جو معمار بڻائينداسين.

شهباز شريف چيو ته هو نوجوانن کي هڪ لک ليپ ٽاپ، ننڍا ۽ رعايتي قرض ڏئي رهيا آهن، انهن جي حوصلا افزائي لاءِ بجيٽ ۾ آءِ ٽي ڪاروبار ۾ ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي آهي، بهتري جو سفر تيز ٿيندو.

سندس چوڻ آهي ته 24-2023ع جي بجيٽ ذريعي زرعي شعبي لاءِ مراعات جاري رهنديون، اهڙن قدمن سان فوڊ سيڪيورٽي حاصل ٿيندي، نوجوانن کي زرعي ترقي ۾ حصو وٺرائڻ ۾ مدد ملندي، هارين، نوجوانن کي زرعي ۽ ڪاروباري قرض ڏيڻ سان هاري، نوجوان ۽ پاڪستان خوشحال ٿيندو.

Read Previous

9 مئي جي وڳوڙن واري ڪيس ۾ شاهه محمود قريشي جي ضمانت منظور

Read Next

ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شبنم جهانگير ايئرپورٽ تان گرفتار

Most Popular