بادشاهه چارلس شهزادي ليليبيٽ کي سالگره جي مبارڪ ڇو نه ڏني؟

بادشاهه چارلس ٽئين پنهنجي پٽ پرنس هيري سان ڪاوڙ جي ڪري پنهنجي پوٽي شهزادي ليليبيٽ کي سالگره جي مبارڪباد به نه ڏني.

رائل مبصر آر ايس لاڪ ميڊيا کي ٻڌايو ته گذريل سال جي سالگره جون مبارڪون مرحوم راڻي ايلزبيٿ جي حڪم تي ڏنيون ويون، جيڪو شاهي خاندان جي شهزادي هيري، ميگهن ۽ انهن جي ٻارن سان خوشگوار لاڳاپن جو اشارو هو.

هن چيو ته ڪنگ چارلس پاران پنهنجي پوٽي شهزادي ليليبيٽ ۽ پوٽي پرنس آرچي کي جنم ڏينهن جون واڌايون ڏيڻ ۾ ناڪامي سندس پنهنجي پٽ سان ڇڪتاڻ واري لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ مستقبل ۾ سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ لاءِ نئين طريقن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.

ٻئي طرف ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته پرنس هيري کي سڀ کان وڏو افسوس اهو آهي ته آرڪي ۽ ليليبيٽ پنهنجي ڏاڏي جي زندگيءَ جي اهم ترين تقريب ۾ شرڪت نه ڪري سگهيا.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته شهزادي وليم جا ٻار تاجپوشي تقريب جو حصو بڻجڻ تي تاريخ جي ڪتابن ۾ هميشه لاءِ محفوظ ٿي ويندا جڏهن ته شهزادي هيري جي ٻارن جو ذڪر نه ڪيو ويندو.

Read Previous

فلسطيني صدر محمود عباس چئن ڏينهن جي دوري تي چين پهچي ويو

Read Next

سامونڊي طوفان بپرجوئي: گجرات ۾ بچاءُ لاءِ 30 کان وڌيڪ ٽيمون مقرر

Most Popular