سامونڊي طوفان بپرجوئي: گجرات ۾ بچاءُ لاءِ 30 کان وڌيڪ ٽيمون مقرر

سامونڊي طوفان بپرجوئي کان بچاءَ لاءِ گجرات ۾ 30 کان وڌيڪ ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن.

ڀارتي اختيارين موجب طوفان سان ڀارتي رياست گجرات جا 8 ضلعا متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.

ڀارتي اختيارين چيو آهي ته گجرات جي ساحلي ضلعن مان 7 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي ۽ هاڻي وڌيڪ 50 کان 60 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو.

گجرات جي رياست ۾ مڇي مارڻ معطل ۽ اسڪول جمعي تائين موڪلون هونديون.

ڀارتي اختيارين موجب گجرات جي ٻن بندرگاهن تي آپريشن به معطل ڪيو ويو آهي.

Read Previous

بادشاهه چارلس شهزادي ليليبيٽ کي سالگره جي مبارڪ ڇو نه ڏني؟

Read Next

آئون پنهنجو سمورو ڏينهن ٽريننگ ۾ گذاريندو آهيان، عمر اڪمل

Most Popular