ڀارتي ٽاپ آرڊر بيٽسمين کي فاسٽ بالرن کي کيڏڻ بابر اعظم کان سکڻ گهرجي، ناصر حسين

انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان ۽ مبصر ناصر حسين چيو آهي ته ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ ڀارتي بيٽسمينن مايوس ڪيو.

هن ڀارتي بيٽسمينن کي صلاح ڏني ته ڀارتي ٽاپ آرڊر بيٽسمين کي بابر اعظم ۽ وليمسن کان فاسٽ بالرن جي سوئنگ کيڏڻ سکڻ گهرجي.

ناصر حسين چيو ته ڪين وليمسن ۽ بابر اعظم ٻئي پيسر دير سان کيڏندا آهن.

واضح رهي ته ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ آسٽريليا ڀارت کي 209 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏني هئي.

ڀارت ان کان اڳ ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ نيوزيلينڊ کي شڪست ڏني هئي.

Read Previous

فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي سريلنڪا جو دورو نه ڪندو

Read Next

بابر اعظم جي سالگرهه تي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ مقابلو ٿيڻ جو امڪان

Most Popular