بابر اعظم جي سالگرهه تي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ مقابلو ٿيڻ جو امڪان

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي سالگره هن ڀيري نه رڳو سندس لاءِ پر سمورن ڪرڪيٽ مداحن لاءِ يادگار ۽ انتهائي غير معمولي ثابت ٿي سگهي ٿي.

بابر اعظم 15 آڪٽوبر تي 29هين سالگرهه ملهائيندو، جڏهن ته ساڳئي ڏينهن ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ به ٿي سگهي ٿي.

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) ورلڊ ڪپ جو شيڊول فائنل ڪري انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ ورلڊ ڪپ جو فائنل شيڊول هلندڙ هفتي جاري ٿيڻ جو امڪان آهي.

آءِ سي سي راءِ ڏيڻ لاءِ شيڊول بي سي سي آءِ ۽ ورلڊ ڪپ کيڏندڙ ملڪن سان شيئر ڪيو آهي.

Read Previous

ڀارتي ٽاپ آرڊر بيٽسمين کي فاسٽ بالرن کي کيڏڻ بابر اعظم کان سکڻ گهرجي، ناصر حسين

Read Next

سوناڪشي سنها تي مسلمان بواءِ فرينڊ بڻائڻ تي تنقيد

Most Popular