بالي ووڊ اداڪارا سوناڪشي سنها جون پنهنجي بواءِ فرينڊ اداڪار ظهير اقبال سان قربتون وڌي ويون آهن.
سوناڪشي سنها، جنهن بالي ووڊ ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات فلم ”دبنگ“ سان ڪئي هئي، هاڻي او ٽي ٽي پليٽ فارم پرائم ويڊيو تي سندس ڊراما سيريز ”دهاڙ“ڪاميابيءَ سان ڇانيل آهي.
سوناڪشي سنها هن وقت پنهنجي بواءِ فرينڊ ظهير اقبال سان گڏ پرائيويٽ ۽ پروفيشنل ايونٽس ۾ شرڪت ڪري رهي آهي، جتي هوءَ هندو انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن جو ڌيان ڇڪائي رهي آهي جيڪي مسلمانن ۽ سندس مداحن خلاف انتها پسند خيال رکن ٿا.
سوناڪشي سنها ڪالهه اداڪاره سارا علي خان ۽ اداڪار وڪي ڪوشل جي نئين فلم ”زرا هٽ ڪي زرا بچ ڪي“ جي ڪاميابيءَ واري پارٽي ۾ شرڪت ڪئي.
ان دوران اداڪارا سوناڪشي ۽ اداڪار ظهير به ڪاري رنگ جي لباس ۾ ملبوس شرڪت ڪئي، ان دوران ٻنهي جو جوڙو تمام سٺو لڳي رهيو هو.
هن جوڙي جي هڪ ٻي وڊيو ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ ڀارتي انٽرنيٽ صارفين هٿ ڌوئي سوناڪشي پٺيان پئجي ويا.