شاهه رخ خان پنهنجي ڌيءَ جي بالي ووڊ ڊيبيو تي پراڻين يادن کي تازو ڪري ڇڏيو

بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي ڌيءَ سهانا خان جي بالي ووڊ ڊيبيو کيس ماضي جا ڪجهه خوبصورت لمحا ياد ڏياري ڇڏيا.

سهانا خان جلد ئي زويا اختر جي فلم ”دي آرچيز“ سان فلمي دنيا ۾ قدم رکڻ لاءِ تيار آهي.

شاهه رخ خان مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ڌيءَ جي پهرين فلم جو پوسٽر شيئر ڪيو آهي.

پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پراڻين يادن کي ياد ڪندي هن لکيو ته ”مون کي اڄ به ياد آهي جڏهن مان ننڍو هئس ته پنهنجي لاءِ اڳ ۾ آرڪي ڊائجسٽ بک ڪندو هوس.

هن پنهنجي ڌيءَ بابت لکيو ته، مون کي اميد آهي ته فلم ۾ ڪو متاثر ڪندڙ ڪردار هوندو!

پنهنجي ٽوئيٽ جي آخر ۾ شاهه رخ خان فلم جي سموري ڪاسٽ لاءِ نيڪ خواهشن ۽ پيار جو اظهار ڪيو.

Read Previous

سوناڪشي سنها تي مسلمان بواءِ فرينڊ بڻائڻ تي تنقيد

Read Next

حريم شاهه وڊيو ليڪ ڪيس، صندل خٽڪ جوڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل منتقل

Most Popular