اڳوڻي حڪومت سمورا ترقياتي منصوبا روڪي ڇڏيا هئا: وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته گذريل حڪومت سمورا ترقياتي منصوبا بند ڪيا هئا، گذريل حڪومت جا بند ڪيل منصوبا اڄ مڪمل ٿي چڪا آهن.

شهباز شريف سرينگر هاءِ وي تي سيونٿ ايونيو اوور هيڊ برج منصوبي جو افتتاح ڪيو.

ان موقعي تي ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته مان ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) جي چيئرمين ۽ سندس ٽيم کي ترقياتي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، آءِ جي پي روڊ جو نالو اڄ ڪئپٽن ڪرنل شير خان شهيد روڊ رکيو ويو آهي.

هن چيو ته جيڪي قومون شهيدن، غازين کي وساري ڇڏينديون آهن، اهي قومون زندهه رهي نٿيون سگهن، 9 مئي تي قوم جو ڪنڌ شرم کان جھڪي ويو.

وزيراعظم جو چوڻ آهي ته اليڪٽرڪ بسون 15 جولاءِ تائين پهچنديون، اسلام آباد ميٽرو پراجيڪٽ گذريل حڪومت روڪيو هو، اهڙا الزام لڳايا ويا، جن جي اڄ حقيقتن ترديد ڪئي آهي.

شهباز شريف چيو ته روس مان 45 هزار ٽن تيل پاڪستان پهچي چڪو آهي، ماضي ۾ ڪوڙ ڳالهايو ويو ته روس سان معاهدن تي آمريڪي حڪومت ڪيرائي، روس کان ملندڙ تيل عالمي مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ 15 بيرل سستو آهي، سخت معاشي مسئلا آهن. بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ باوجود گريڊ 1 کان 16 تائين جي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 35 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته جيستائين ملڪ ۾ سياسي استحڪام نه ايندو، تيستائين معاشي استحڪام نٿو اچي سگهي، جنهن ملڪ ۾ ڏينهن رات سازشون ٿينديون هجن اتي سيڙپڪاري ڪير ڪندو؟، عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جا سمورا شرط منظور ٿي چڪا آهن. اميد آهي ته جلد معاهدو ٿي ويندو.

مسلم ليگ (ن) جي صدر چيو ته چيئرمين پاڪستان تحريڪ انصاف الزام هنيا، ڪرپشن جو ڪو ثبوت ناهي ڏنو، جيڪڏهن سندس خلاف ڪيس ڪوڙا آهن ته عدالت ۾ وڃي پاڻ کي بيگناهه ثابت ڪري.

وزيراعظم جو چوڻ آهي ته اسان پنجاب ۾ جيڪا خدمت ڪئي آهي اها اسان جو ٽيم ورڪ آهي، اسان جي دور ۾ لاهور ڏکڻ ايشيا جو صاف ترين شهر بڻجي ويو، گذريل حڪومت 8 هزار ماڻهو ڀرتي ڪيا جيڪي ڊيوٽي تي نٿا اچن. گذريل حڪومت ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، اسلام آباد ۾ سالڊ ويسٽ سسٽم نه هو.

هن چيو ته نوجوانن لاءِ بجيٽ ۾ تمام گهڻي رقم رکي وئي آهي، نوجوان نسل ئي پاڪستان جي ڪاميابي ۽ ترقي جو ضامن آهي، جڏهن پنجاب ۾ ليپ ٽاپ ورهايا ويندا هئا ته چيو ويندو هو ته اها رشوت آهي، انهن چئن سالن ۾ نوجوانن کي ڪوبه ليپ ٽاپ نه ڏنو.

Read Previous

آءِ ايم ايف ڪيترين ئي شين تي سوال اٿاريا آهن، عائشه غوث پاشا

Read Next

سعودي ولي عهد محمد بن سلمان فرانس روانو

Most Popular