بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان جي مداحن جي محبت ڪنهن کان به ڳجهي ناهي، ڪيترائي ماڻهو اداڪار کي ڏسي پاڻ تي ڪنٽرول نه ڪري سگهيا، اهڙو ئي ڪجهه گڏيل عرب امارات ۾ ٿيو.
ڀارتي ميڊيا موجب شاهه رخ خان کي گڏيل عرب امارات ۾ هڪ تقريب دوران هڪ عورت مداح بنا اجازت جي ڳل تي چمي ڏني هئي.
عورت پرستار جي اهڙي عمل تي انٽرنيٽ تي تمام گهڻي تنقيد ٿي رهي آهي.
سوشل ميڊيا تي صارفين جو چوڻ آهي ته عورت کي اهو ڪم اجازت کانسواءِ نه ڪرڻ گهرجي ها، ماڻهو چون ٿا ته هر ڪنهن کي مشهور شخصيتن جي عزت ڪرڻ گهرجي.
ان کان علاوه سوشل ميڊيا تي هڪ صارف اهو به مطالبو ڪيو ته ڇوڪري کي جيل ۾ بند ڪيو وڃي.