قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي گاڏي سان حادثو

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي گاڏي کي حادثو پيش آيو آهي.

ذريعن موجب حادثو مندرا چکوال روڊ تي اسلام آباد واپسي دوران پيش آيو.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي گاڏي اڳيان اوچتو ڳئون اچي وئي، ڳئون کي بچائيندي اسپيڪر جي گاڏي ۽ اسڪواڊ جي گاڏين ۾ ٽڪر ٿي پيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ عملو محفوظ رهيو.

Read Previous

آءِ ايم ايف چاهي ٿو ته پاڪستان سريلنڪا بڻجي وڃي، پوءِ ڳالهيون ڪيون وڃن: اسحاق ڊار

Read Next

سنڌ ۾ ميئر جي سمورن 6 عهدن تي پيپلز پارٽي ڪامياب

Most Popular