سنڌ ۾ ميئر جي سمورن 6 عهدن تي پيپلز پارٽي ڪامياب

پيپلز پارٽي ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ميئر جون سموريون 6 پوزيشنون کٽي ورتيون آهن.

ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۾ مرتضيٰ وهاب ميئر چونڊجي ويو، پيپلز پارٽي جو ڪاشف شورو حيدرآباد ۾ ميئر چونڊجي ويو.

سکر ميونسپل ڪارپوريشن مان پيپلز پارٽي جو ارسلان اسلام شيخ، ميرپورخاص مان عبدالرئوف ميئر چونڊجي ويو آهي.

اهڙي طرح لاڙڪاڻي ميونسپل ڪارپوريشن مان انور علي لوهار جڏهن ته شهيد بينظير آباد ميونسپل ڪارپوريشن مان رشيد ڀٽي ميئر چونڊجي ويو آهي.

سنڌ جي 22 ضلعي ڪائونسلن مان 20 ۾ پيپلز پارٽي جا چيئرمين چونڊجي ويا آهن.

سنڌ جي 36 ميونسپل ڪميٽين مان 30 ۾ پيپلز پارٽي، هڪ ميونسپل ڪميٽي ۾ جي ڊي اي جو چيئرمين چونڊجي ويو آهي.

سنڌ جي 141 ٽائون ڪميٽين مان 121 ۾ پيپلز پارٽي، 5 ۾ جي ڊي اي، هڪ تي آزاد ۽ هڪ تي تحريڪ انصاف جا چيئرمين چونڊجي ويا آهن.

سنڌ جي 44 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنن مان 27 تي پيپلز پارٽي جو چيئرمين، 6 تي جماعت اسلامي ۽ 3 تي تحريڪ انصاف جو چيئرمين ڪامياب ٿيو آهي.

Read Previous

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي گاڏي سان حادثو

Read Next

فردوس شميم نقوي کي جناح اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم

Most Popular