31 ماڻهن کي گم ڪري ڌانڌلي ڪئي وئي، حافظ نعيم الرحمان

امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته هو ڄمي مقابلو ڪندا، ۽ ترقي جو خواب ڏسڻ وارن کي مايوس نه ڪندا، ايوان، ڪورٽ ۽ روڊ ٽي آپشن آهن، اسان بعد ۾ ٻڌائينداسين ته ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪنداسين.

حافظ نعيم الرحمان ميئر ۽ ڊپٽي ميئر ڪراچي جي نتيجن کي رد ڪندي چيو ته 31 ماڻهن کي غائب ڪري ڌانڌلي ڪئي وئي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو ويو، اسان جي کٽيل سيٽن تي آر اوز ذريعي نتيجا تبديل ڪيا ويا، هر هڪ ووٽ کي تحفظ ڏيڻ پنهنجو حق سمجهان ٿو.

حافظ نعيم الرحمان چيو ته اسان جي ڪنهن سان به ذاتي ويڙهه ناهي، چوري، ڦرلٽ ۽ قبضي سان آهي، پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي جا 192 ووٽ هئا، پيپلز پارٽي ۽ ان جي اتحادين کي 173 ووٽ هئا، 31 ماڻهن کي غائب ڪري ڌانڌلي ڪئي وئي.

جماعت اسلامي ڪراچي جي امير چيو ته قبضي جو مينڊيٽ قبول ناهي، اسان کان وڌيڪ جمهوريت کي ڪير به نٿو سمجهي، مينڊيٽ تي قبضو ڪري مڙهيل جمهوريت قبول ناهي.

هن اهو به چيو ته غائب ٿيل 31 ماڻهن کانسواءِ ميئر جي چونڊ قبول ناهي، ڪراچي جي عوام کي جيڪڏهن هن مان ڪا به اميد هجي ها ته هو کيس ووٽ ڏين ها.

Read Previous

فردوس شميم نقوي کي جناح اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم

Read Next

سعيد غني پاران پيپلز پارٽي کي ڪراچي جي ميئر شپ ملڻ تي خوشي جو اظهار

Most Popular