سعيد غني پاران پيپلز پارٽي کي ڪراچي جي ميئر شپ ملڻ تي خوشي جو اظهار

Saeed ghani

سنڌ جي صوبائي وزير سعيد غني پيپلز پارٽي کي ڪراچي جي ميئر شپ ملڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.

سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته مان الله جو شڪر گذار آهيان ته مون پنهنجي زندگي ۾ پيپلز پارٽي ڪراچي جو ميئر ڏٺو، ڪراچي جي شهرين جو شڪر گذار آهيان جو پهريون ڀيرو واضح انداز ۾ مينڊيٽ ڏنو.

سعيد غني چيو ته هو ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي سميت سڀني وٽ ويندا، مهرباني ڪري نتيجا قبول ڪريو.

صوبائي وزير چيو ته فريال ٽالپر کان وڏو پوليٽيڪل مئنيجر ناهي ڏٺو، بلاول ڀٽو هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي مان جنهن به سيٽ حاصل ڪئي، ان کي به ملايو وڃي.

Read Previous

31 ماڻهن کي گم ڪري ڌانڌلي ڪئي وئي، حافظ نعيم الرحمان

Read Next

پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

Most Popular