بپر جواءِ ٻين طوفانن جي ڀيٽ ۾ گهڻي وقت تائين رهيو، شيري رحمان

Federal Minister for Climate Change Senator Sherry Rehman, in a press conference, briefing about current heatwave situation in the country

ماحولياتي تبديلي بابت وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته ڪوشش آهي ته متاثرن کي جلد پنهنجن اباڻن علائقن ڏانهن واپس پهچايون، پر اُن ۾ وقت لڳندو.

شيري رحمان چيو ته الله جو فضل آهي، اسان سامونڊي طوفان جي تباهڪارين کان بچي ويا آهيون.

هن چيو ته متاثرن کي پنهنجن علائقن ڏانهن واپس پهچايو ويندو، سجاول ۾ متاثرن جي واپسي ۾ ڪجهه وقت لڳي سگهي ٿو، آبادي وڌي وئي آهي، اسان ڪٿي ڪٿي پهچون؟

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته سمنڊ ۾ بپر جواءِ ٻين طوفانن جي ڀيٽ ۾ گهڻي وقت تائين رهيو، گرمي پد وڌڻ به طوفانن جو سبب آهي.

Read Previous

سنڌ تان خطرو ٽري ويو، سامونڊي طوفان گجرات سان ٽڪرائجي ويو

Read Next

سنڌ ۾ طوفان جو خطرو ٽرڻ بعد تعليمي سرگرميون شروع ڪرڻ جي هدايت

Most Popular