آمريڪا کي اهڙي صورتحال ۾ نه ڌڪي، جتي اسان کي مشڪل فيصلا ڪرڻا پون: خواجا آصف

بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته آمريڪا اسان کي اهڙي صورتحال ۾ نه ڌڪي جنهن ۾ اسان کي مشڪل فيصلا ڪرڻا پون.

هڪ آمريڪي جرنل کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته آمريڪا سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسندا آهيون ۽ چاهيون ٿا ته اهي لاڳاپا اڳتي وڌن.

هن چيو ته اسان کي آمريڪا-ڀارت پارٽنرشپ سان ڪو به مسئلو ناهي جنهن سان پاڪستان جي مفادن کي نقصان نه پهچي.

خواجا آصف چيو ته ڀارت جي موجوده صورتحال پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ صورتحال خراب ڪري ڇڏي آهي.

هن چيو ته نريندر مودي جي دور حڪومت ۾ ڀارت جو سيڪيولر نظريو هندو قومپرست نظريي کان تبديل ٿي چڪو آهي، ڀارت پنهنجي ملڪ اندر انتهائي قومپرست موقف اختيار ڪيو آهي.

Read Previous

سراج الحق جو ٻيهر ڪراچي جي ميئر جي چونڊ ڪرائڻ جو مطالبو

Read Next

ڪراچي جو نئون چونڊيل ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ ڊپٽي ميئر سلمان مراد سڀاڻي حلف کڻندا

Most Popular