آمريڪي پرڏيهي وزير جي پنهنجي چيني هم منصب سان 5 ڪلاڪ ڊگهي ملاقات

آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن چين جي ٻن ڏينهن جي دوري دوران پنهنجي چيني هم منصب سان ساڍا پنج ڪلاڪ ڊگهي ملاقات ڪئي، انٽوني بلنڪن جي اڄ چيني صدر شي جن پنگ سان به ملاقات جو امڪان آهي.

خابرو اداري موجب چيني پرڏيهي وزير چن گونگ بيجنگ ۾ سرڪاري گيسٽ هائوس ۾ انٽوني بلنڪن سان ملاقات ڪئي.

آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ساڍا 5 ڪلاڪ جاري رهي، ملاقات کانپوءِ انٽوني بلنڪن ڊنر ۾ شرڪت لاءِ روانو ٿي ويو.

انٽوني بلنڪن اڄ چين جي اعلي پرڏيهي پاليسي آفيسر وانگ يي سان به ملاقات ڪندو.

انٽوني بلنڪن چيني عملدارن سان ٻه طرفي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۽ واپاري تڪرار تي بحث ڪندو.

ٻئي طرف آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته انٽوني بلنڪن چيني پرڏيهي وزير سان واضح، ٺوس ۽ معياري ڳالهه ٻولهه ڪئي.

آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ موجب، بلنڪن مواصلاتي چينلز کي کليل رکڻ تي زور ڏنو، ٻنهي اڳواڻن گڏيل بين الاقوامي معاملن تي تعاون جي موقعن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن رابطن جي تسلسل لاءِ چيني پرڏيهي وزير کي واشنگٽن اچڻ جي دعوت ڏني.

آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ هو ته چيني پرڏيهي وزير صحيح وقت تي آمريڪا اچڻ جي حمايت جو اظهار ڪيو آهي.

ياد رهي ته انٽوني بلنڪن چين جو دورو ڪندڙ بائڊن انتظاميه جو پهريون سينيئر آفيسر آهي.

Read Previous

برطانيه ۾ بس ڊرائيورن جي پگهار ۾ واڌ لاءِ هڙتال

Read Next

ميئر جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت بابت اڄ ٻڌائيندس: حافظ نعيم

Most Popular