ميئر جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت بابت اڄ ٻڌائيندس: حافظ نعيم

جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته کيس ميئر جي حلف برداري واري تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ملي آهي، هو اڄ ٻڌائيندو ته شرڪت ڪندس يا نه.

پنهنجي هڪ بيان ۾ حافظ نعيم چيو ته ڪراچي جي عوام جو ٿورائتو آهيان جنهن کيس مينڊيٽ ڏنو.

امير جماعت اسلامي ڪراچي چيو ته حڪومت جي ڪا به ترجيح نظر نه ٿي اچي، هو اڄ پريس ڪانفرنس ڪري ٻڌائيندو ته ميئر ڪراچي جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪندو يا نه.

واضح رهي ته ميئر جي چونڊ لاءِ 15 جون تي ٿيل ووٽنگ ۾ پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ مرتضيٰ وهاب 173 ووٽ حاصل ڪيا هئا، جڏهن ته جماعت اسلامي جو اميدوار حافظ نعيم الرحمان 160 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي رهيو.

Read Previous

آمريڪي پرڏيهي وزير جي پنهنجي چيني هم منصب سان 5 ڪلاڪ ڊگهي ملاقات

Read Next

سنڌ ۾ ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ واري مهم شروع

Most Popular