سنڌ ۾ ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ واري مهم شروع

سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ پوليو خلاف مهم اڄ کان شروع ٿي وئي، جيڪا 25 جون تائين حيدرآباد، ڄامشورو ۽ ڪراچي جي 7 ضلعن ۾ جاري رهندي.

سنڌ ۾ پوليو خلاف مهم جو مقصد 18 لک ننڍڙن ٻارن کي ويڪسين ڏيڻ آهي، مهم ۾ 10 هزار کان وڌيڪ پوليو ورڪر حصو وٺندا جڏهن ته مهم ۾ 2200 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا.

ٻئي طرف پشاور، نوشهره، مهمند، هنگو، خيبرپختونخواه، ڪوهاٽ ۽ چارسده ۾ به اڄ کان پوليو خلاف مهم شروع ڪئي وئي.

پاڪ افغان پناهگيرن جي ڪئمپن ۽ مخصوص يونين ڪائونسلن ۾ پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا، پوليو ٽيمن جي سيڪيورٽي لاءِ 14 هزار پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا.

Read Previous

ميئر جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت بابت اڄ ٻڌائيندس: حافظ نعيم

Read Next

مڪاني چونڊن ۾ بائيڪاٽ لاءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان پيپلز پارٽي کان ڏوڪرڙ ورتا، آفاق احمد

Most Popular