نمل خاور تي تنقيد جو سلسلو جاري، ڀاڄائي مٿس لڳل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

پاڪستاني خوبصورت اداڪارا ۽ ماڊل نيمل خاور کي چهري جي سرجري سبب سوشل ميڊيا صارفين طرفان تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو، سندس خاندان سميت شوبز شخصيتن سندس دفاع ڪيو، جڏهن ته ڊاڪٽر فضيلا عباسي پنهنجي ڀاڄائيءَ جي سرجري جي الزامن جي ترديد ڪئي آهي.

تازو ئي اداڪارا نيمل خاور جون ڪجهه وڊيوز ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون، مداح سندس چهري تي نمايان تبديلي ڏسي حيران رهجي ويا ۽ چيو ته هن سرجري جي ذريعي پنهنجي فطري حسن کي وڃائي ڇڏيو آهي.

اداڪارا نيمل خاور کي سوشل ميڊيا صارفين طرفان سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو ۽ سوشل ميڊيا تي اهو رجحان بڻجي ويو، پهرين سندس ڀاڄائي ۽ پوءِ سندس مڙس سندس دفاع لاءِ اڳيان آيا، پوءِ شوبز جون ٻيون شخصيتون به اداڪارا جو دفاع ڪندي نظر آيون.

اداڪار ۽ سندس مڙس حمزا علي عباسي پنهنجي وڊيو ۾ اظهار ڪيو ته هو پنهنجي زال سان هر حال ۾ پيار ڪندو آهي،جڏهن ته ڀاڄائي سوشل ميڊيا صارفين کي پنهنجو احتساب ڪرڻ ۽ رحم ڪرڻ جو مشورو ڏنو.

ٻئي طرف شوبز شخصيتن به هن ڏکئي وقت ۾ نمل خاور جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ سندس حسن ۽ اخلاق جي واکاڻ ڪئي.

Read Previous

مون شادي نه پئي ڪرڻ چاهي، آغا علي

Read Next

9 مئي تي پاڪستان کي پٽڙي تان لاهڻ لاءِ وڏي هلچل مچائي وئي، شهباز شريف

Most Popular