نبيل گبول جي پٽ بلاول جي پراڻي وڊيو شيئر ڪري ڇڏي

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پارٽي جي سينيئر اڳواڻ نبيل گبول جي هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ بلاول ڀٽو کي نبيل گبول سان هٿ ملائڻ کان لنوائيندي ڏسي سگهجي ٿو.

گذريل ڏينهن ڪراچي جي نئين چونڊيل ميئر مرتضيٰ وهاب جي حلف برداري واري تقريب دوران پيش آيل دلچسپ صورتحال جي اها وڊيو جتي خبرن جي زينت بڻجي وئي، اتي سوشل ميڊيا تي به باهه وانگر پکڙجي وئي.

وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پهرين قطار ۾ بيٺل نبيل گبول بلاول ڀٽو جي ويجهو اچڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي پيپلز پارٽي جي چيئرمين سندس هٿ پوئتي ڌڪي ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته بلاول ڀٽو پاران نبيل گبول کي پوئتي ڌڪڻ کان پوءِ هڪ ڪارڪن اڳتي وڌيو ۽ نبيل گبول کي اتان اڳتي ڌڪي ڇڏيو.

ان وڊيو جي حوالي سان سياسي اڳواڻ نبيل گبول جي پٽ نادر نبيل گبول مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي بلاول ڀٽو جي هڪ پراڻي وڊيو شيئر ڪئي آهي.

نادر نبيل گبول پنهنجي ٽوئيٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته موجوده پرڏيهي وزير ۽ مستقبل جو وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري تمام نفيس انسان آهي جيڪو پنهنجي سمورن ڪارڪنن سان گرمجوشي ۽ پيار سان ملندو آهي.

نادر پاران شيئر ڪيل هن پراڻي وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته بلاول ڀٽو پهريان نادر گبول سان گرمجوشي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هٿ ملايو ۽ بعد ۾ نادر سان تصوير ڪڍرائي.

Read Previous

اڳوڻي چيف جسٽس جواد ايس خواجا فوجي عدالتن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

Read Next

قطر ۽ يو اي اي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا بحال، سعودي عرب پاران آجيان

Most Popular