نسيم شاهه ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي چئلينج قرار ڏئي ڇڏيو

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر نسيم شاهه ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي چيلينج قرار ڏيندي چيو آهي ته هي فارميٽ هڪ مختلف قسم جو چيلنج آهي جنهن ۾ هر شيءِ کي آزمايو ويندو آهي.

لاهور ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي نسيم شاهه چيو ته مان انگلينڊ مان واپس آيو آهيان، ان ڪري ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته جلدي گرم موسم جي عادت پوي.

هن چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جو موسم هڪ جهڙو هوندو، ان ڪري گهڻو فرق نه پوندو، هن انگلينڊ ۾ وائيٽ بال جي ڪرڪيٽ کيڏي، اتي سخت سردي هئي، ان ڪري واپس ايندي ئي ريڊ بال سان ٽريننگ شروع ڪئي.

نسيم شاهه چيو ته اسان کي سريلنڪا ۾ 2 ٽيسٽ ميچون کيڏڻيون آهن ۽ ان لاءِ اسان ڀرپور تياري ڪري رهيا آهيون، سريلنڪا جي سخت گرمي ۾ ٽيسٽ ميچ کيڏڻ هڪ چيلنج آهي ۽ هڪ پروفيشنل ڪرڪيٽر هجڻ جي ناطي ان چيلنج کي قبول ڪنداسين ۽ ان لاءِ. اسان پاڻ کي تيار ڪري رهيا آهيون.

Read Previous

قطر ۽ يو اي اي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا بحال، سعودي عرب پاران آجيان

Read Next

وفاقي بجيٽ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ الڳ بجيٽ رکڻ جو معاملو حل نه ٿي سگهيو

Most Popular