ٽائيٽينڪ سياحتي آبدوز جي لاپتا 5 ماڻهن ۾ 2 پاڪستاني به شامل

ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ٻڏي ويل گم ٿيل ٽائيٽينڪ سياحتي آبدوز جي ڳولا اڃا تائين جاري آهي.

برطانوي ميڊيا انڪشاف ڪيو آهي ته گم ٿيل آبدوز ۾ 2 پاڪستاني به سوار هئا جنهن ٽائيٽينڪ جي تباهي جو دورو ڪيو هو.

برطانوي ميڊيا موجب ٻڏي ويل جهاز ٽائيٽينڪ جي تباهي کي ڏسڻ لاءِ ويندڙ 5 رڪني ٽيم ۾ 2 پاڪستاني به شامل هئا.

خاندان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته گم ٿيل آبدوز ۾ پاڪستاني واپاري شهزادو دائود ۽ سندس پٽ سليمان به سوار هئا، جن جو رابطو ختم ٿي ويو آهي.

برطانوي ميڊيا موجب شهزادو دائود ۽ سندس پٽ سليمان ٽائيٽينڪ جا باقيات ڏسڻ لاءِ آبدوز ۾ سوار ٿيا.

پرنس دائود، برطانيه ۾ مقيم ۽ ايس اي ٽي آئي انسٽيٽيوٽ ۾ هڪ ٽرسٽي، هڪ خانگي ڪمپني جي وائيس چيئرمين طور ڪم ڪري ٿو.

Read Previous

وفاقي بجيٽ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ الڳ بجيٽ رکڻ جو معاملو حل نه ٿي سگهيو

Read Next

سنڌ حڪومت پاران پيپلز بس سروس ايپ 22 جون کان لائونچ ڪرڻ جو اعلان

Most Popular