سعودي عرب 160 ملڪن مان 20 لک کان وڌيڪ پانڌيئڙن جي ميزباني ڪندو

سعودي عرب هن ڀيري 160 ملڪن مان 2 لک کان وڌيڪ حاجين جي ميزباني جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن.

عرب ميڊيا موجب سعودي عرب جي حج ۽ عمره واري وزير ڊاڪٽر توفيق الرابعه پاڪ سرزمين تي الله تعاليٰ جي مهمانن جي شاندار استقبال جي تيارين بابت هڪ ڊاڪيومينٽري جاري ڪئي.

رپورٽن مطابق اها ڊاڪيومينٽري فلم حج جي مناسڪ ادا ڪرڻ جي تيارين جي موقعي تي پيش ڪئي پئي وڃي.

ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر توفيق الربيع چيو ته الله تعاليٰ جي مهمانن جي ميزباني جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

Read Previous

قطر ۽ چين وچ ۾ 27 سالن لاءِ گئس جي فراهمي جو ٻيو معاهدو

Read Next

واٽس ايپ بيڪ اپ ڊيٽا چوري ڪندڙ ميسجنگ ايپ

Most Popular