صدر جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي چيف جسٽس آف پاڪستان مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

صدر ڊاڪٽر عارف علوي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي چيف جسٽس آف پاڪستان مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي رٽائرمينٽ کانپوءِ مقرري 17 سيپٽمبر 2023 کان لاڳو ٿيندي.

صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 175 اي 3 تحت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي چيف جسٽس مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

پاڪستان جو صدر ڊاڪٽر عارف علوي 17 سيپٽمبر 2023 تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کان چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدي جو حلف کڻندو.

صدر مملڪت 2 مهينا اڳ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي چيف جسٽس طور مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

ٻئي طرف قانون واري وزارت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي چيف جسٽس آف پاڪستان مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

Read Previous

واٽس ايپ بيڪ اپ ڊيٽا چوري ڪندڙ ميسجنگ ايپ

Read Next

ڪراچي جي بجلي صارفين تي 5 رپيا 52 پئسا في يونٽ سرچارج لاڳو ڪرڻ جي منظوري

Most Popular