ميان اسلم اقبال ۽ ٻين جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي تي گلبرگ حملي ڪيس ۾ ميان اسلم اقبال ۽ محمد زبير نيازي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

اي ٽي سي لاهور جاچ آفيسر جي درخواست منظور ڪندي جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون ويون، اهي گرفتاري کان بچڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن.

عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته جوابدار گرفتاري کان بچڻ لاءِ پرڏيهه فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، جيڪي جاچ لاءِ گهربل آهن.

جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن خلاف گلبرگ ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ان ڪري درخواست آهي ته ٻنهي جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن.

Read Previous

ڪراچي جي بجلي صارفين تي 5 رپيا 52 پئسا في يونٽ سرچارج لاڳو ڪرڻ جي منظوري

Read Next

ايم اين اي علي وزير جي گرفتاري تي سينيٽر رضا رباني جو رد عمل

Most Popular