ايم اين اي علي وزير جي گرفتاري تي سينيٽر رضا رباني جو رد عمل

اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته قانون موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ کانپوءِ ڪنهن به ميمبر کي گرفتار نٿو ڪري سگهجي.

هڪ بيان ۾ سينيٽر رضا رباني قومي اسيمبلي جي ميمبر جي گرفتاري تي ردعمل ڏيندي چيو ته علي وزير جي گرفتاري پارليامينٽ جي استحقاق ايڪٽ 2023 جي ڀڃڪڙي آهي.

هن چيو ته قانون موجب ڪنهن به ميمبر کي قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ کانپوءِ گرفتار نه ٿو ڪري سگهجي، جيڪڏهن کيس ايف آءِ آر (فرسٽ انفارميشن رپورٽ) ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي ته 24 ڪلاڪن اندر اسپيڪر کي آگاهه ڪرڻو پوندو.

پ پ سينيٽر وڌيڪ چيو ته ايف آءِ آر جي ڪاپي اسپيڪر قومي اسيمبلي کي فراهم ڪرڻ گهرجي ها، استحقاق ايڪٽ جي سيڪشن 5 تحت گرفتاري جي رپورٽ اسپيڪر کي ڏيڻ گهرجي ها.

هن چيو ته ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جا سبب اسپيڪر کي فراهم ڪرڻ گهرجن ها، استحقاق ايڪٽ جي سيڪشن 7 تحت اسپيڪر کي علي وزير جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ گهرجن ها.

اڳوڻي سينيٽ چيئرمين اسپيڪر کي پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو به چيو ته جيئن علي وزير 24-2023ع جي بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت ڪري سگهي.

Read Previous

ميان اسلم اقبال ۽ ٻين جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري

Read Next

جو بائيڊن پاران شي جن پنگ کي آمر قرار ڏيڻ تي چين جو ردعمل

Most Popular