لاهور جي جڊيشل مئجسٽريٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.
مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) چوڌري پرويز الاهي کي جڊيشل مئجسٽريٽ غلام مرتضيٰ ورڪ جي عدالت ۾ پيش ڪيو.
پرويز الاهي جا وڪيل عامر سعيد راڻي ۽ آصف چيما عدالت ۾ پيش ٿيا.
جڊيشل مئجسٽريٽ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي پرويز الاهي جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.