بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ وائرل ٿيل وڊيو تي نبيل گبول جو بيان سامهون اچي ويو

پ پ جي سينيئر اڳواڻ نبيل گبول گذريل ڏينهن پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان سندس وائرل ٿيل وڊيو تي بيان جاري ڪيو آهي.

نبيل گبول جو وڊيو بيان هن وقت مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي گردش ڪري رهيو آهي، جيڪو پي پي جي هڪ ڪارڪن شيئر ڪيو آهي ۽ نبيل گبول ري ٽوئيٽ ڪيو آهي.

ان وضاحتي وڊيو بيان ۾ نبيل گبول جو چوڻ آهي ته مان هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا جو زينت بڻجي ويو آهيان ۽ مون کي خبر پئجي وئي آهي ته سڄي دنيا ۾ منهنجا ڪيترا مداح آهن.

هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته جڏهن دنيا توهان جي خلاف اٿي کڙي ٿئي ۽ خاص طور تي جڏهن توهان جا مخالف توهان خلاف اهڙيون سازشون ڪن ۽ توهان کي بدنام ڪن ۽ توهان جي بي عزتي ڪن ته الله جي ذات مٿان ويٺي آهي، جيڪو اهڙي وقت ۾ پنهنجي ٻانهي جي مدد ڪري ۽ رستو ڪڍي.

Read Previous

پرويز الاهي کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو ويو

Read Next

بينظير ڀٽو شهيد جي 70 هين سالگرهه جي تقريب، آصفه ڀٽو زرداري جي شرڪت

Most Popular