بينظير ڀٽو شهيد جي 70 هين سالگرهه جي تقريب، آصفه ڀٽو زرداري جي شرڪت

آصفه ڀٽو زرداري محترمه بينظير ڀٽو جي 70 هين سالگرهه جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي شهيد ڀٽو فائونڊيشن پاران محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي زندگي ۽ جدوجهد جي عنوان سان هڪ سيمينار پڻ منعقد ڪيو ويو.

سيمينار کي خطاب ڪندي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد پاڪستان کي اونداهي دور مان ٻاهر ڪڍيو.

هن چيو ته مونکي پنهنجي ماءُ جي جدوجهد تي فخر آهي، بينظير ڀٽو شهيد جي جدوجهد اسان لاءِ مشعل راهه آهي.

آصفه ڀٽو زرداري محترمه بينظير ڀٽو جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو.

سيمينار کي سينيٽر فرحت الله بابر، شازيه عطا مري، سينيٽر شيري رحمان، ڊاڪٽر نفيسه شاهه، سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ سينيٽر سحر ڪامران خطاب ڪيو.

Read Previous

بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ وائرل ٿيل وڊيو تي نبيل گبول جو بيان سامهون اچي ويو

Read Next

ٻوڏ متاثرن لاءِ وفاق جي 25 ارب رپين مان مطمئن ناهيون: وڏو وزير

Most Popular