ٻوڏ متاثرن لاءِ وفاق جي 25 ارب رپين مان مطمئن ناهيون: وڏو وزير

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت اسان سان واعدو ڪيو آهي ۽ ان واعدي تي ڀروسو ڪري رهيا آهيون.

سنڌ اسيمبلي 24-2023ع جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان موقعي تي اسيمبلي کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ فنڊ فراهم ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي، ٻوڏ متاثرن لاءِ 25 ارب رپيا به مختص ڪيا ويا آهن، وفاقي حڪومت کان مدد گهري وئي، اسان ڏنل فنڊن مان مطمئن نه آهيون.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت اسان کي 25 ارب ڏيڻ لاءِ رضامندي ظاهر ڪئي آهي، اسان ٻوڏ متاثرن جي گهرن لاءِ 2 ملين رپيا رکيا آهن.

هن چيو ته ٻوڏ سان تباهه ٿيل اسڪولن جي بحالي لاءِ هڪ اسڪيم ٺاهي وفاق کي ڏني وئي آهي.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪي فور اسڪيم لاءِ 6 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جنهن لاءِ 3 ارب سنڌ ۽ 3 ارب وفاق ڏيندو.

مراد علي شاهه چيو ته 152 ڪٽ موشن آهن، هن وقت تائين بجيٽ ۾ 97 کي ڏسي چڪا آهيون، ڪٽ موشن تيار ڪرڻ ۾ ميمبرن محنت ڪئي آهي، مان انهن ڪٽ موشن سان متفق ناهيان.

هن چيو ته اسان جون ڪيتريون ئي ملاقاتون آن لائين هونديون آهن جيڪي اسان جا پئسا بچائينديون آهن، توهان کي اسان کان خرچن بابت پڇڻ جو حق آهي ۽ اسان توهان کي خرچ ٻڌائڻ جا پابند آهيون.

Read Previous

بينظير ڀٽو شهيد جي 70 هين سالگرهه جي تقريب، آصفه ڀٽو زرداري جي شرڪت

Read Next

چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد جو چين جو دورو

Most Popular