چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد جو چين جو دورو

چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سان چين جي چيف آف جوائنٽ اسٽاف ڊپارٽمينٽ جنرل ليو زينلي ملاقات ڪئي.

انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب جنرل ساحر شمشاد مرزا 18 کان 22 جون تائين چين جي سرڪاري دوري تي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ جاري ٻه طرفي دفاعي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي جنرل ساحر شمشاد مرزا چيو ته پاڪ چين دوستي قيمتي آهي ۽ ان جون پاڙون عوام جي دلين ۾ تمام گهرا آهن.

هن چيو ته ٻنهي ملڪن جا فوجي لاڳاپا هر قسم جي آزمائش کي منهن ڏئي رهيا آهن.

Read Previous

ٻوڏ متاثرن لاءِ وفاق جي 25 ارب رپين مان مطمئن ناهيون: وڏو وزير

Read Next

گم ٿيل آبدوز کي ڳولڻ جي آخري ڪوشش، آمريڪي ٻيڙو وڏي مشينري کڻي پهتو

Most Popular