گم ٿيل آبدوز کي ڳولڻ جي آخري ڪوشش، آمريڪي ٻيڙو وڏي مشينري کڻي پهتو

ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ گم ٿيل سياحتي آبدوز ٽائيٽن جي ڳولا چوٿين ڏينهن به جاري آهي، ان سلسلي ۾ آخري ڪوشش لاءِ آمريڪا کان ڳري مشينري سان ڀريل مال بردار جهاز ڪئناڊا پهچي ويو آهي.

برطانوي اخبار موجب جهاز تي مشينري لڳائي ويندي ۽ گم ٿيل آبدوز جي ڳولا لاءِ سمنڊ ڏانهن موڪليو ويندو.

برطانوي اخبار ٻڌايو آهي ته هورائزن آرڪٽڪ جهاز 15 ڪلاڪن ۾ ٽائيٽينڪ پوائنٽ تي پهچي ويندو.

برطانوي اخبار جو چوڻ آهي ته ان ڪوشش کي آڪسيجن جي گهٽ هجڻ سبب بچاءَ جي آخري ڪوشش قرار ڏنو پيو وڃي.

برطانوي اخبار پڻ ٻڌايو آهي ته جهاز جي ٽائيٽينڪ پوائنٽ تي پهچڻ تائين آڪسيجن جي سطح وڌيڪ گهٽجڻ جو امڪان آهي.

آمريڪي ٻيڙي هورائزن آرڪٽڪ اڄ رات تائين بچاءُ واري مشن ۾ شامل ٿي ويندي.

آمريڪي ڪارگو جهازن ذريعي ڪينيڊا جي ايئرپورٽ تي ريسڪيو مشينري پهچائي وئي، جنهن ۾ ڪيبل، پاڻي جي اندر موجود سامان 19 هزار فوٽن تائين پهچايو ويو.

Read Previous

چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد جو چين جو دورو

Read Next

13 لک 42 هزار 351 پانڌيئڙا سعودي عرب پهچي ويا

Most Popular