چيف جسٽس عمر عطا بنديال فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻي ڪندي چيو آهي ته هو ڪو به حڪم جاري نه ڪري رهيو آهي، هو ڪنهن به عبوري حڪم کان اڳ اٽارني جنرل کي ٻڌندا.
سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.
چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 7 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس مظاهر نقوي ۽ جسٽس عائشه ملڪ به شامل آهن، جڏهن ته جسٽس فائز عيسيٰ ۽ جسٽس طارق مسعود بينچ جو حصو نه آهن.
جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو ته مان درخواستگذار جواد ايس خواجا جو مائٽ آهيان، منهنجي بينچ ۾ شامل ٿيڻ تي ڪنهن کي اعتراض آهي ته هاڻي ٻڌايو.
اعتزاز احسن چيو ته توهان جي بينچ ۾ شامل ٿيڻ تي ڪنهن کي به اعتراض ناهي، جسٽس منصور علي شاهه چيو ته اٽارني جنرل به ٻڌائي ته جيڪڏهن ڪو اعتراض آهي ته بينچ ڇڏي ڇڏيندس.
اٽارني جنرل چيو ته توهان جي بينچ جو حصو ٿيڻ تي ڪو اعتراض ناهي.
اعتزاز احسن جي وڪيل لطيف کوسا فارميشن ڪمانڊرز اجلاس جو پڌرنامو پڙهي ٻڌايو ۽ دليل ڏيندي چيو ته سولين جو ٽرائل يا ته ڪرنل يا برگيڊيئر ڪندو.
جسٽس منصور علي شاهه وڪيل لطيف کوسا کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان جيڪو پڙهي رهيا آهيو ان ۾ آءِ ايس پي آر جو نالو ڪٿي آهي؟
وڪيل لطيف کوسا چيو ته هي آءِ ايس پي آر جو جاري پڌرنامو آهي، ڪابينا آءِ ايس پي آر جي پڌرنامي جي منظوري ڏني.
جسٽس منصور علي شاهه چيو ته بيانن مان نڪري ٻڌايو ته اصل قانون ڇا آهي؟
لطيف کوسا چيو ته دهشتگردي جي انت واري عدالت کي چيو ويو ته شهرين جا ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن منتقل ڪيا وڃن، مون کي ان سان ڪا به همدردي ناهي جنهن به تنصيبن تي حملا ڪيا، جوابدارن کي قانون موجب سزا ملڻ گهرجي.
جسٽس منصور چيو ته ڪيترن ماڻهن خلاف ڪيس داخل ٿيا ۽ ڪيترين کي گرفتار ڪيو ويو؟
وڪيل لطيف کوسا چيو ته 10 مئي تي پهرين 50 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، شاهه محمود قريشي، مراد سعيد، فرخ حبيب تي ڪيس داخل ڪيا ويا، 10 مئي تي سڄي ملڪ مان 4 هزار ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، ڪنهن به شخص خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ناهن ڪيا ويا.
جسٽس عائشه ملڪ رمارڪس ڏيندي چيو ته اهو قانون پڙهو جنهن تحت ماڻهن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي.
جسٽس مظاهر نقوي چيو ته دهشتگردي جي انت واري عدالت کي پهريان ئي سمورا ڪيس ٻڌڻ جو اختيار حاصل آهي.
وڪيل لطيف کوسا چيو ته اسان جو موقف آهي ته ڪيس فوجي عدالتن ۾ نه پر دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ هلڻ گهرجن، 9 مئي جي واقعن جي آڙ ۾ 9 کان 10 هزار ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.
چيف جسٽس آف پاڪستان رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان رڳو حقيقتن ۾ رهڻ چاهيون ٿا، جيڪي ڪيس داخل ٿيا آهن انهن ۾ ڪيترائي نالا آهن، ڪيسن ۾ ڪجهه پوليس آفيسرن جا نالا ڇو شامل ڪيا ويا؟
جسٽس منصور چيو ته متاثرن مان ڪنهن سڌو سنئون سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪيو؟
وڪيل لطيف کوسا چيو ته مون کي اهڙي ڄاڻ ناهي.
سلمان اڪرم راجا چيو ته مون درخواست ڏني آهي پر في الحال ڪنهن به متاثر شخص سپريم ڪورٽ سان رجوع ناهي ڪيو.
جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته ڪهڙي قانون تحت فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ٿيڻو آهي، ڇا ڪنهن ان قانون کي چيلينج ڪيو آهي؟
جسٽس عائشه ملڪ پڇاڻو ڪيو ته ڇا فوجي عدالتن بابت قانون کي چئلينج ڪري سگهجي ٿو؟
وڪيل لطيف کوسا چيو ته آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ خلاف ڪيس ڪير ٻڌندو؟
جسٽس عائشه ملڪ رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان اسان کي آرمي ايڪٽ ۽ فوجي عدالتن جا قاعدا ٻڌايو، اسان وٽ ان سان لاڳاپيل ڪو به ڪتاب ناهي.
وڪيل لطيف کوسا چيو ته اسان ان ڪري آيا آهيون جو اسان کي 25 ڪروڙ عوام جو خدشو آهي.
جسٽس منصور چيو ته شهرين جا ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي درخواست ڏيکاريو.
جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته ڪورٽ مارشل لاءِ ڪيترين ماڻهن جا نالا موڪليا ويا آهن؟ ڪو به قانون يا ٺوس ڪم ڏيو جنهن جي بنياد تي سزائون ٿين پيون.
جسٽس منصور رمارڪس ڏيندي چيو ته مئجسٽريٽ يا عدالت کي درخواست ڏني ويندي آهي ته اسان اهڙن ماڻهن کي آرمي ايڪٽ جي ٽرائل ۾ آڻڻ چاهيون ٿا.
جسٽس عائشه ملڪ سوال ڪيو ته جيڪڏهن آرمي ايڪٽ سولين تي لاڳو ناهي ته اي ٽي سي ڪيس فوجي عدالت ۾ ڪيئن منتقل ٿي سگهن ٿا؟
جسٽس منصور چيو ته ڪهڙي قانون ۽ بنيادن تي سولين جا ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي؟ دهشتگردي ٽوڙ عدالت اهو به چئي سگهي ٿي ته اسان انهن ماڻهن کي فوجي عدالتن جي حوالي نٿا ڪري سگهون.