سيف سٽي پروجيڪٽ هڪ مڪمل آءِ ٽي پيڪيج هوندو: مراد علي شاهه

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سيف سٽي پروجيڪٽ تحت نه رڳو حساس ڪلوز سرڪٽ ڪيمرائون لڳنديون پر اهو هڪ مڪمل آءِ ٽي پيڪيج هوندو جيڪو آرٽيفشل انٽيليجينس سان ليس هوندو.

سنڌ جي وڏي وزير خميس ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ سيف سٽي اٿارٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي.

اجلاس ۾ صوبائي وزير آئي ٽي تيمور ٽالپر، وڏي وزير جي خاص مددگار تنزيلا، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، سنڌ جي وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، سيڪريٽري بلديات نجم شاهه، ڊي جي سنڌ سيف سٽي اٿارٽي اعجاز شيخ، ايم پي اي ندا کوڙو، ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.

ڊي جي سنڌ سيف سٽي اٿارٽي (SSCA) سنڌ جي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته اين آر ٽي سي شهر جي بهتري لاءِ اهم ڪم ڪيو آهي، منصوبي تحت پهرين مرحلي ۾ ريڊ زون واري علائقي ۾ جديد ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر سان ڳنڍيل 10 هزار ڪئميرائون لڳنديون.

سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سي سي ٽي وي سسٽم جديد ڪئميرائن سان ليس ڪيو ويندو. نيٽ ورڪ ڊبل پاور سسٽم يعني بجلي ۽ سولر سسٽم تي هوندو.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ملڪ جي ٻين شهرن ۾ لڳل سيف سٽي سسٽم ۾ ڪيتريون ئي خاميون ۽ آپريشنل مسئلا آهن جڏهن ته آئون چاهيان ٿو تهSSCA اهي سمورا مسئلا ڊيزائيننگ مرحلي ۾ ئي حل ڪري.

هن وڌيڪ چيو ته سسٽم کي سامان فراهم ڪندڙ لاڳاپيل ڪمپنيون سسٽم کي برقرار رکڻ ۽ هلائڻ لاءِ هڪ معاهدي ذريعي شامل ڪرڻ گهرجي.

مراد علي شاهه چيو ته سيف سٽي سسٽم متعارف ڪرائڻ جو مقصد صوبي جي شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ سمارٽ ٽيڪنالاجي جو استعمال ۽ پوليس کي جديد نگراني سسٽم سان ليس ڪرڻ ۽ انهن جي صلاحيتن ۾ اضافو ڪرڻ آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ٽيڪنالاجي قدمن سان سيڪيورٽي انتظام بهتر ٿيندا، مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ واڌ ٿيندو ۽ معاشي ترقي کي هٿي ملندي.

هن وڌيڪ چيو ته آئون چاهيان ٿو ته ان حوالي سان سمورا قدم جلد حل ڪيا وڃن ته جيئن اسان جو مقصد پورو ٿئي. مراد علي شاهه SSCA جي مالياتي ضابطن ۽ سروس ريگيوليشن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ SSCA کي ڪميٽيون جوڙڻ جي به هدايت ڪئي.

مراد علي شاهه اٿارٽي کي هدايت ڪئي ته پروڪيورمينٽ ڪميٽي جوڙي وڃي ۽ ان جي منظوري کانپوءِ کيس اطلاع ڏنو وڃي.

اجلاس جي پڄاڻي تي سنڌ جي وڏي وزير SSCA کي هدايت ڪئي ته هو منصوبي جو پي سي ون تيار ڪري ان کي منظوري لاءِ پي اينڊ ڊي کاتي ۾ جمع ڪرائي ته جيئن ايندڙ مالي سال جي شروعات سان منصوبي تي ڪم شروع ڪري سگهجي. .

Read Previous

سٽي ڪائونسل کي قانون موجب ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي: ميئر ڪراچي

Read Next

درست ناهي ته فوجي عدالتن ۾ سولين جو ٽرائل نٿو هلي سگهي: چيف جسٽس

Most Popular