درست ناهي ته فوجي عدالتن ۾ سولين جو ٽرائل نٿو هلي سگهي: چيف جسٽس

اسلام آباد: چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪو شهري ڪنهن فوجي کي بغاوت لاءِ اتساهي ٿو ته ان جو فوجي عدالت ۾ ڪيس هلي سگهي ٿو، اهو چوڻ درست ناهي ته فوجي عدالت ۾ ڪڏهن به سولين جو ٽرائل نٿو هلي سگهي، ڏسڻو پوندو ته عام ماڻهن کي فوجي عدالتن جي دائري ۾ آڻڻ جو ڪهڙو طريقو اختيار ڪيو ويو، اهو به ڏسڻو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج ڪهڙي بنياد تي ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن منتقل ڪيا.

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان فوجي عدالتن ۾ سولينز جي ٽرائل خلاف درخواستن جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا آهن ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ڏوهن جو تعين فوج کي ئي ڪرڻو آهي.

فوج دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ سولينز جي حوالگي جي درخواست ڏئي سگهي ٿي، فوج جي سولينز جي حوالگي واري درخواست ۾ رڳو ٺوس بنياد نه ڏنو ويو، اٽارني جنرل کان پڇنداسين ته ٺوس بنياد بڻائي سولينز جي حوالگي جي درخواست ڇو نه ڏني وئي.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال فوجي عدالتن ۾ سولينز جي ٽرائل خلاف درخواستن جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا، جڏهن ته اٽارني جنرل ۽ درخواستگذار به دليل ڏنا.

سول سوسائٽي جي وڪيل فيصل صديقي دليل ڏيندي چيو ته منهنجي درخواست ٻين درخواستن کان الڳ آهي، مون درخواست ۾ آرمي ايڪٽ کي چئلينج نه ڪيو آهي، منهنجو اهو موقف نه آهي ته سولينز جو آرمي ٽرائل نه ٿو ٿي سگهي، فوجي عدالتن ۾ سولينز جا ٽرائل ٿيندا رهيا آهن، منهنجو موقف اهو آهي ته سليڪٽڊ ماڻهن جو آرمي ٽرائل غلط آهي.

جسٽس منصور شاهه چيو ته آرمي ٽرائل ته تڏهن ٿيندو آهي جڏهن معاملو قومي سلامتي جو هوندو آهي، سولينز آرمي ايڪٽ يا آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪڏهن ڪئي؟.

Read Previous

سيف سٽي پروجيڪٽ هڪ مڪمل آءِ ٽي پيڪيج هوندو: مراد علي شاهه

Read Next

فوجي عدالتون: پنجاب حڪومت 9 مئي سانحي بعد گرفتار ماڻهن جا تفصيل پيش ڪري ڇڏيا

Most Popular