عدليه کي قانون جي بالادستي قائم ڪرڻ گهرجي: بلاول ڀٽو زرداري

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته عدليه قانون جي بالادستي قائم ڪري، جيڪڏهن نه ٿي ڪري سگهي ته پوءِ تالو لڳائي ڇڏي.

بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هن ڪيترائي ڀيرا پي ٽي آءِ چيئرمين کي پيغام موڪليو ته هو 9 مئي جي واقعي تي لاتعلقي جو اظهار ڪن ۽ معافي گهرن، هن ليڊر نه ٻڌي ۽ پنهنجي پارٽي کي تباهي ڏانهن وٺي ويو.

هن وڌيڪ چيو ته هن وقت پيپلز پارٽي جي سياسي حمايت مسلم ليگ ن جي آهي، شهباز شريف مسلم ليگ ن کان وڌيڪ پيپلز پارٽي جو وزيراعظم آهي ۽ آصف زرداري جي باري ۾ مشهور آهي ته هو دوستن جو دوست آهي.

بلاول ڀٽو چيو ته مان گواهي ڏيان ٿو ته وزيراعظم شهباز شريف جيتري محنت سان ڪم ڪرڻ وارو ناهي ڏٺو.

هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم جي پاليسين سبب هڪ ڀيرو ٻيهر اسان لاءِ مسئلو بڻجي ويو آهي، آمريڪي ۽ ڀارتي اڳواڻن جي ملاقات کانپوءِ اهڙو بيان آيو آهي جنهن جو جواب پرڏيهي آفيس ڏيندي.

قومي اسيمبلي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بهتر ٿيندو ته عالمي سياست بدران پنهنجي اندروني مسئلن تي ڌيان ڏيون، دهشتگردي خلاف سڀ کان وڌيڪ قربانيون اسان جون آهن.

بلاول ڀٽو چيو ته هڪ سياستدان آمريڪا ۾ به پاپولر سياست ڪري رهيو هو، جڏهن آمريڪي سياستدان ريڊ لائين ڪراس ڪيو ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي وئي.

پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ رٿائن ۽ اطمينان تي ناڻي واري وزير جو شڪريو ادا ڪيان ٿو، وزيراعظم شهباز شريف جا واعدا پورا ٿيندي نظر اچي رهيا آهن، اسان جي ثقافت ۾ بزرگن جو احترام ڪرڻ سيکاريو ويو آهي، مونکي محترمه بينظير ڀٽو احترام ڪرڻ سيکاريو آهي، اپوزيشن ۾ هجون يا حڪومت ۾، اسان جي سياست گار گند واري ناهي، اسان جي سياست ڪردار ڪشي واري سياست ناهي، اسان هميشه مثبت سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

Read Previous

پنجاب جي اهم سياسي شخصيتن جي پ پ ۾ شموليت جو امڪان

Read Next

جيڪڏهن عدالت توهين لڳائي ته اهي پنهنجي عهدن تي نه رهندا: اعتزاز احسن

Most Popular