ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ پريڊي پوليس سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي 3 سينيئر انسپيڪٽرن کي 40 لک رپيا ڀتا طلب ڪرڻ تي گرفتار ڪري ورتو.
ايس ايس پي ڏکڻ اسد رضا موجب گرفتار آفيسرن ۾ ايس بي سي اي جا 3 سينيئر بلڊنگ انسپيڪٽر عمير ڪريم، امين ۽ ظفر عرف سپاري شامل آهن، جڏهن ته ڊپٽي ڊائريڪٽر سيد اويس حسين ۽ ضياءُ عرف ڪالا فرار آهن.
گرفتار ۽ مفرور جوابدارن ايم اي جناح روڊ تي تعمير هيٺ عمارت جي بلڊر کان 40 لک رپيا ڀتي جو مطالبو ڪيو هو ۽ پهرين مرحلي ۾ 5 لک رپيا ورتا ويا هئا.
واقعي جو ڪيس پردي ٿاڻي ۾ سيد بلال نجيب جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ ڀتا خوري ۽ دهشتگرديءَ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.